Translate

Sunday, January 31, 2010


”سنڌين ۽ بلوچن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بند ڪريو“:ڪراچي ۾ سوين ماڻهن جو احتجاج
ڪراچي(بيورو رپورٽ) جمهوري وطن پارٽي ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪراچي ۾ بلوچن ۽ سنڌين کي چونڊي چونڊي قتل ڪرڻ، ڳوٺن کي ڊاهڻ ۽ قديم ڪراچي واسين جي زمينن تي قبضن جي خلاف ۽ ڪراچي کي 8 ضلعن ۾ ورهائڻ جي حمايت ۾ وڏو احتجاجي جلسو ڪيو، جنهن ۾ ڪراچي جي سوين سنڌين ۽ بلوچن شرڪت ڪئي جيڪي جمهوري وطن پارٽي کانسواءِ پيپلز پارٽي، عوامي تحريڪ، ڳوٺ بچايو تحريڪ، ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جيئي سنڌ محاذ جي جلوسن سان گڏجي پريس ڪلب پهتا. احتجاج ڪندڙن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا. احتجاجي جلسو ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين ۽ بلوچن جي پختي اتحاد ۽ ٻڌي جو ڏيک ڏئي رهيو هو. جلسي ۾ ”جيئي سنڌ، بلوچستان، ڪراچي ۾ بلوچن ۽ سنڌين جي ٽارگيٽ ڪلنگ بند ڪريو، دهشتگردي نامنظور، ڪراچي شهري سرڪار نامنظور، ڪراچي ۾ مرڪزيت تي ٻڌل بلدياتي سرشتو نامنظور، جاڳيا جاڳيا سنڌي جاڳيا، جاڳيا جاڳيا بلوچ جاڳيا، ڳوٺ ڊاهڻ بند ڪريو، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جون ڏاڍايون بند ڪريو“ ۽ ٻيا زوردار نعرا هڻي رهيا هئا. احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ شهيد نواب اڪبر بگٽي ۽ جمهوري وطن پارٽي جي سربراهه مير عالي بگٽي جون تصويرون هيون، جلسي ۾ يڪراءِ ٺهراءُ منظور ڪري مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ بلوچن ۽ سنڌين جي قتل جو سلسلو بند ڪرائي قاتلن کي سيکت ڏني وڃي، لياري ۽ گوليمار سميت ڪراچي ۾ بلوچن ۽ سنڌين خلاف هڪ طرفي ڪارروائي ۽ آپريشن بند ڪيو وڃي، ڳوٺن کي ڊاهڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ملير ۽ لياري ترقياتي اختيارين جا قديم ڪراچي واسين جي زمينن تي قبضا بند ڪرائي ايل ڊي اي جي ڊائريڪٽر عمران صديقي کي فوري طور برطرف ڪيو وڃي. هڪ ٻئي ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ مرڪزيت تي ٻڌل ڪراچي شهري سرڪار واري بلدياتي نظام کي ختم ڪري ڪراچي کي 8 ضلعن لياري، ڪياماڙي، منگهوپير، ملير، لياقت آباد، صدر، قائد آباد ۽ گلستان جوهر ۾ ورهايو وڃي ته جيئن ڪراچي جي شهرين کي سهولتون ملي سگهن ۽ امن قائم ٿي سگهي.ڪراچي ۾ مڪاني ادارن واري سرشتي تي هڪ مخصوص لساني گروهه جي قبضي کي يقيني بڻائڻ خاطر پ پ کي دٻاءَ ۾ آڻڻ لاءِ بلوچن ۽ سنڌين جا لاش ڪيرايا پيا وڃن، جيڪو سلسلو بند ڪرايو وڃي، جڏهن ته گٽرباغيچو بچايو تحريڪ جي اڳواڻ شهيد نثار بلوچ جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن. جمهوري وطن پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري رئوف خان ساسولي چيو ته جيڪي ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين ۽ بلوچن کي ڪمزور سمجهن ٿا تن کي چتاءُ ڏيون ٿا ته ڪراچي ۾ داخل ٿيندڙ ۽ ٻاهر نڪرندڙ سمورن رستن تي اسان ويٺا آهيون ۽ جيڪڏهن دهشتگردي بند نه ڪئي وئي ته پوءِ اسان دهشتگردن ۽ سندن حامين کي گهمڻ ڦرڻ به نه ڏينداسين. دهشتگرد چونڊي چونڊي بلوچ ۽ سنڌي قتل ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي اسان واضح ڪريون ٿا ته دهشتگردن کان اهو نه پڇيو وڃي ته سندن مرضي ڇا آهي پر انهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته دهشتگرد ان ڌر جا سمورا ووٽر قتل ڪري ڇڏيندا جيڪا ڌر دهشتگردن کان اڃا تائين پڇي ٿي ته ڀلا توهان ٻڌايو توهان جي مرضي ڇا آهي. اسان سنڌ پوليس جي آءِ جي کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪراچي پوليس مان هڪ ڌر جا سمورا ”حلف يافته“ آفيسر ۽ اهلڪار برطرف ڪري صرف اهي آفيسر ۽ عملدار مقرر ڪيا وڃن جيڪي قانون تي يقين رکندا هجن. ان موقعي تي يونين ڪائونسل گابو پٽ جي عوام دوست ناظم مبارڪ سنگو، جسقم جي مشتاق خاصخيلي، ڳوٺ بچايو تحريڪ جي غلام مصطفيٰ چانڊئي، ترقي پسند پارٽي جي ڊاڪٽر عبدالله ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

No comments:

Post a Comment